ابو الڪسيس الزهراوي

ابو الڪسيس الزهراوي: ابو القاسم خلف بن عباس الزھراوي ”قرطبھ“ ۾ سن 936 ع ۾ پيد اٿيو، صاحب موصوف جراحت جي فن ۾ نمايان شھرت حاصل ڪئي. ھن جي مکيھ ڪتابن مان ھڪ ”تصريف“ آھي، جنھن جو پورو نالو”التصريف لمن عجز عن التاليف“ آھي، جراحت جو ھيءُ پھريون ڪتاب آھي. ابو ڪسيس لکي ٿو ته ”جراحت ٻن قسمن جي آھي، ھڪ اھا جا مريض کي مرض کان نجات ڏياري، ۽ ٻي اھا، جا ھن کي موت سان ملاقات ڪرائي. ابو القاسم فن جراحت ۾ خبرداريءَ کي دليري تي ترجيح ڏئي ٿو. جراحت تي ھن ٻيا به ڪيترا ڪتاب لکيا آھن. ”ڏنڀ“ تي ھن ھڪ خاص ڪتاب لکيو آھي. ھڪ ٻئي ڪتاب ۾ ”مثاني جي پٿري“ کي ڀڃي ٻاھر ڪڍڻ ۽ اھڙا ٻيا جراحت جا فن بيان ڪيل آھن، ھڪ ٽئين ڪتاب ۾ ھڏن ڀڃڻ ۽ سنڌن نڪرڻ جو مفصل احوال، علاج سميت لکيو اٿس. الزھراوي نه صرف ھڪ بلند پايي جو جراح ھو، پر ان سان گڏ علم طب ۽ حڪمت جي ٻين شعبن تي به کيس اعليٰ دسترس حاصل ھئي. ازان سواءِ علم الادويھ مفردات و مر ڪبات، ۾ به سندس مٽ زماني ۾ ٿورا عالم ھئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0936.00.00  هجري

ابو الڪسيس الزهراوي: ابو القاسم خلف بن عباس الزھراوي ” قرطبھ “ ۾ سن 936 ع ۾ پيد اٿيو ، صاحب موصوف جراحت جي فن ۾ نمايان شھرت حاصل ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀائي گُرداس
رڪ عبدالله
پير پاڳارا خاندان
ڀائي خان شر
ڇٻلاڻي ايڇ ايل
احسان دانش ڀٽو
بشير احمد انصاري ڊاڪٽر
بانو محبوب
رالف للي ٽرنر سر
پيرزادو شاهه محمد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون